ڏوهن جي سرپرستي جي الزام ۾ ڪراچي جا 34 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار معطل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ جي هدايت تي ڪراچي رينج ۾ مقرر 34 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو، معطل اهلڪارن ۽ آفيسرن کي هيڊ ڪوارٽر ڏکڻ بي ڪمپني موڪليو ويو آهي.
آءِ جي آفيس مان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب معطل ٿيندڙ آفيسرن ۾ ايس ايڇ او سرجاڻي ٽائون محمد طفيل، ايس ايڇ او عوامي ڪالوني مظهر اعواڻ، ايس ايڇ او مدينه ڪالوني ناصر محمود شامل آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته معطل آفيسرن ۽ اهلڪارن بابت انڪوائري هلي رهي آهي، کين قانونن تحت معطلي دوران پگهار ۽ ٻيا الائونس ملندا رهندا.
ذريعن موجب منظم ڏوهن جي سرپرستي جي الزام ۽ ڪرائم ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪامي تي اعليٰ آفيسرن ايڪشن وٺندي ڪجهه اهلڪارن خلاف ڳجهي انڪوائرين کانپوءِ ڪارروائي ڪئي آهي.
آءِ جي سنڌ جي هدايت تي معطل آفيسرن ۽ اهلڪارن ۾ ڪيترائي اي ايس آءِ، هيڊ ڪانسٽيبل ۽ سپاهي به شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.