”ايراني صدر جي دوري سان ڪنهن کي تڪليف ٿي ته ان جي ڪا اهميت ناهي، مفادن جي تحفظ لاءِ گڏجڻ گهرجي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته جڏهن افغان طالبان ڪابل فتح ڪيو ته مان ٽوئيٽ ڪيو هو، مان چيو هو طاقتون توهان جون آهن ۽ خدا اسان جو آهي، مان اڄ به پنهنجي ان ٽوئيٽ تي قائم آهيان.
نجي ٽي وي چئنل سان گفتگو ڪندي خواجا آصف چيو ته ايراني صدر جو ڪامياب دورو هو، اسان جي خطي ۾ بدامني آهي، وڏين طاقتن جي مداخلت وڌي وئي آهي، اسان کي پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ هڪ گڏيل پليٽ فارم تي ضرور گڏ ٿيڻ گهرجي، ان صورتحال ۾ ايراني صدر جو دورو وڏي اڳڀرائي هئي.
هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ آهي، ايران جي صدر هڪ وڏو جلسو ڪرڻ چاهيو پر سيڪيورٽي خدشن سبب ڪجهه شيون ارينج نه ٿي سگهيون.
سندس چوڻ هو ته دهشتگردي اسان جو گڏيل مسئلو آهي، ان کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٻئي ڀائر ملڪ گڏجي دهشتگردي جو مقابلو ڪنداسين، ايراني صدر جي دوري سان جيڪڏهن ڪنهن کي تڪليف ٿي ته ان جي ڪا اهميت ناهي، پاڪستاني عوام جي تڪليفن جو ازالو ٿيڻ گهرجي.
خواجا آصف چيو ته هيءَ حڪومت هڪ سال اندر ملڪ ۾ وڏي تبديلي آڻيندي، پاڪ – ايران گئس پائپ لائن منصوبي لاءِ رستا نڪرندا.
بچاءَ واري وزير چيو ته جن ماڻهن جي پويان دولت مند ملڪ نه هئا، انهن سپر پاور کي شڪست ڏني، اها هڪ مظلوم جي فتح هئي، جنهن جي مان تعريف ڪئي، طالبان جي ڪابل ۾ فتح جي اڄ به تعريف ٺهي ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته افغانستان جي واسطي يا بنا واسطي سرپرستي سان ٽي ٽي پي هتي حملا ڪري رهي آهي، ڪالعدم ٽي ٽي پي پاڪستان ۾ بدامني ۽ دهشتگردي پکيڙي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.