ڪراچي ۾چئن پوليس اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي چار ڀيرا موت جي سزا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي دهشتگردي واري عدالت چئن پوليس اهلڪارن جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار کي چار ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ڪورنگي جي علائقي ۾ حنيف نهاري وٽ ماني کائيندڙ چئن پوليس اهلڪارن جي قتل ڪيس ۾ عدالت جوابدار آصف ڪٽو کي چار ڀيرا موت واري سزا ٻڌائي.
عدالت ۾ جوابدار تي 8 لک رپيا ڏنڊ به لڳايو ويو، جڏهن ته جوابدار جي ملڪيت به ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.
سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس ۾ گهربل ٻيا 2 جوابدار بلال ۽ عبدالسلام پوليس ۾ مقابلي مارجي چڪا آهن، جوابدار آصف ڪٽو جي سڃاڻپ شاهدن ڪئي هئي.
واضح رهي ته جوابدارن 12 جولائي 2015ع ۾ حنيف نهاري وٽ ماني کائيندڙ چئن پوليس اهلڪارن مٿان فائرنگ ڪئي هئي، جوابدارن جي فائرنگ ۾عقيل احمد، محمد انور، جميل احمد ۽ محمد اختر مارجي ويا هئا.
جوابدار آصف ڪٽو وٽان هٿ آيل هٿيارن ۽ واقعي واري هنڌ وٽان ملندڙ گولين جي خول ميچ ٿيا، جوابدار پوليس اهلڪارن تي فائرنگ ڪري انهن جا سرڪاري هٿيار به ساڻ کڻي ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.