ڊاڪٽر به مزدورن جيان ڏهاڙي تي ڪم ڪندا: صحت کاتي جو پلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پرائمري هيلٿ اينڊ سيڪنڊري هيلٿ کاتي جو ڊسٽرڪٽ ۽ تعلقي اسپتالن لاءِ نئون پلان سامهون آيو آهي. ڊي ايڇ ڪيو، ٽي ايڇ ڪيو ۾ اسپيشلسٽ ڏهاڙي تي رکڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي، پي ايڇ ايف ايم سي ڏهاڙي تي ڊاڪٽر رکڻ جو پلان متعارف ڪرايو.

سرڪاري ملازمت وارا ڊاڪٽر به موڪل ڪري ڏهاڙي تي ڪم ڪري سگهندا، فزيشن کي ڏهاڙي 7 هزار، سرجن 5 هزار، جنرل سرجن 5 هزار واڌو کڻندو. گائناڪالجسٽ 12 هزار ڏهاڙي کڻندي.

گائني آپريشن تي 15 هزار واڌو ملندا، پيڊياٽريشن کي 12 هزار ۽ ڊينٽل سرجن کي 4 هزار ڏهاڙي ڏني ويندي.

ذريعن موجب پنجاب ۾ پي ايڇ ايف ايم سي ذريعي ڏهاڙي تي ڊاڪٽر رکڻ جو سلسلو جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.