مراد علي شاهه جي ايراني صدر سان ملاقات، پاڪ – ايران اقتصادي موقعن تي ڳالهيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان – ايران اقتصادي موقعن تي تفصيلي گفتگو ڪئي وئي.
مراد علي شاهه ۽ ابراهيم رئيسي جي ملاقات دوران صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، سردار شاهه، سعيد غني، ڄام خان شورو ۽ ٻيا به موجود هئا.
وڏي وزير جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ملاقات ۾ سيڙپڪاري جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پاڪستان – ايران اقتصادي موقعن تي به تفصيلي گفتگو ڪئي وئي.
ان کان اڳ ايراني صدر ڪراچي پهتو ته گورنر ڪامران ٽيسوري، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين سندس آجيان ڪئي.
ڪامران ٽيسوري ايراني صدر کي ڊاڪٽريٽ جي اعزازي سند ڏني، ابراهيم رئيسي بهترين مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.