مينيجمنٽ طرفان رضوان لاءِ نئين تجويز، بابر ۽ رضوان ناخوش

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم مينيجمنٽ هڪ دفعو ٻيهر وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان جي بيٽنگ آرڊر ۾ تبديلي ڪرڻ چاهي ٿي.
ذريعن موجب ٽيم مينيجمنٽ رضوان کي ٽي ٽوئنٽي ۾ 4 نمبر تي بيٽنگ ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، پر ڪپتان بابر اعظم ۽ رضوان ان ڳالهه تي راضي ناهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بابر اعظم محمد رضوان کي اوپنر جي حيثيت سان کيڏائڻ جو خواهشمند آهي، بابر جي راءِ آهي ته جيڪڏهن صائم ايوب بطور اوپنر ناڪام ٿئي ٿو ته رضوان کان اوپننگ ڪرائي وڃي، جڏهن ته رضوان پاڻ به ٽي ٽوئنٽي ۾ 4 نمبر تي کيڏڻ جي حق ۾ ناهي.
ذريعن چيو آهي ته محمد رضوان ٽي ٽوئنٽي ۾ بطور اوپنر کيڏڻ چاهي ٿو، مينيجمنٽ رضوان جي جاءِ تي عثمان خان يا فخر زمان کي ون ڊائون کيڏائڻ جي خواهش رکي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.