پاڪستان لاءِ قرض قسط جي منظوري وارو معاملو، آءِ ايم ايف بورڊ جو اجلاس ڪڏهن ٿيندو؟

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ )عالمي مالياتي اداري جي ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس 29 اپريل تي ٿيندو جنهن۾ پاڪستان لاءِ 3 ارب ڊالر جي اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ معاهدي جي آخري جائزي جي منظوري ڏني ويندي.
سفارتي ذريعن موجب آءِ ايم ايف جي ايونٽ ڪيلنڊر موجب جائزو اجلاس 29 اپريل تي صبح 10 وڳي ٿيندو.
20 اپريل تي آءِ ايم ايف اجلاس جو شيڊيول جاري ڪيو ويو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته 29 اپريل تي نائجيريا جي قرض پروگرام جو جائزو ورتو ويندو تنهن بعد پهرين مئي تي رٿيل اجلاس ۾ ڪريباتي ۽ مونٽي نيگرو جي پروگرامن جو جائزو ورتو ويندو جڏهن ته پاڪستان جو نالو فهرست ۾ شامل نه هو.
آءِ ايم ايف ۽ پاڪستاني عملدارن ٻنهي اڳوڻن بيانن ۾ اشارو ڏنو هو ته بورڊ 29 اپريل تي اجلاس ۾ ايس بي اي پروگرام تحت هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالر جي آخري قسط جاري ڪرڻ جي منظوري ڏيندو، جنهن جو معاهدو جون 2023 ۾ ٿيندو….

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.