آمريڪي صدر پاران يوڪرائني هم منصب کي جلد امداد ڏيڻ جي خاطري

واشگنٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته سينيٽ مان منظوري ملندي ئي يوڪرين کي نئين آمريڪي سيڪيورٽي امداد فراهم ڪئي ويندي.
وائيٽ هائوس جَي ترجمان موجب صدر جوبائيڊن جو يوڪرين جَي صدر زيلنسڪي سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو.
ترجمان موجب يوڪريني صدر، يوڪرين جِي مدد ڪرڻ تي آمريڪي صدر جوبائيڊن جو شڪريو ادا ڪيو.
زيلنسڪي، جوبائيڊن کي روسي ميزائلن، ڊرون ۽ بم حملن سبب ٿيندڙ دهشتگردي جَي حوالي سان آگاهه ڪيو.
يوڪريني صدر پاران آمريڪي صدر کي خارڪيف ۾ ٽي وي ٽاور تي روسي ميزائل حملي کان پڻ آگاھ ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.