تحريڪ انصاف جو ننڍي چونڊ ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف سموري ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف مختلف تڪن تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ ڌانڌلين جا الزام لڳائيندي ملڪ گير احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب جو چوڻ هو ته ن ليگ ننڍي چونڊ ۾ بدترين ڌانڌلي ڪري پنهنجن اميدوارن کي کٽرايو ويو.
قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته شهباز شريف کان وڌيڪ ليگي اميدوارن کي ووٽ ملڻ مان سمجهي وڃو ته ڌانڌلي ٿي آهي، لاهور ۽ گجرات ۾ جعلي طور اميدوارن کي هارايو ويو.
عمر ايوب ملڪ گير احتجاج جو اعلان ڪندي چيو ته جمعي ڏهاڙي ڌانڌلين خلاف احتجاج ڪنداسين، تحريڪ جي شروعات فيصل آباد کان ڪئي ويندي ۽ پنج مئي تي ڪراچي ۾ جلسو ٿيندو.
ٻي پاسي پي ٽي آءِ چيئرمين گوهر خان اليڪشن ڪميشن کان ننڍي چونڊ ۾ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جا نوٽيفيڪيشن روڪڻ جي استدعا ڪندي عدالت ۾ مبينا ڌانڌلين تي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.