طوفاني برسات دبئي وارن کي وائڙو ڪري ڇڏيو

دبئي (م ڊ) دبئي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ پيل تيز برسات شهرين لاءِ پريشانيون پيدا ڪري ڇڏيون. جڏهن ته انتظاميا کي به ڏينهن ۾ تارا نظر آيا.  خليج ٽائمز موجب برسات کانپوءِ 100 کان وڌيڪ خاندانن عمارتون ڊهڻ جي شڪايت ڪئي هئي، جڏهن ته شهري خوف سبب گهرن کان ٻاهر نڪري آيا هئا. دبئي جي علائقي محسنه ۾ گهڻ ماڙ عمارت ۾ اوچتو ڌماڪو ٿيو، جنهن سبب شهرين ۾ خوف پکڙجي ويو. مقامي رهواسين ٻڌايو ته سندس نوجوان پٽ کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ زلزلو اچي رهيو آهي. پر هنن محسوس ڪيو ته اهو پٽ جو گمان آهي، تنهن تي هنن دوستن کان به فون ڪري پڇيو ته ڇا هنن زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا آهن؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.