”بابر ماضيءَ جي غلطين مان سکي رول ماڊل بڻجي ڏيکاري“

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪوچ مصباح الحق بابر اعظم کي ماضي جي غلطين مان سبق سکڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ مصباح الحق چيو ته ڪپتاني وقت سان ملندي آهي، جتي وڌيڪ بهتر فيصلا ٿيندا آهن ته اتي غلطيون به ٿي وينديون آهن، بابر اعظم جي لاءِ بهتر هوندو ته هو پنهنجين غلطين مان سبق سکي.
اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته اسٽار بيٽر اڳتي وڌي رول ماڊل بڻجي ڏيکاري ۽ پنهنجي فٽنس ۽ اڳواڻي جو حق ادا ڪري ته ڇو ته هن جي فيصلن سان قومي ٽيم کي اڳتي وڌڻو آهي، سڀني رانديگرن ۾ صلاحيتون آهن انڪري ڪپتان سڀني کي گڏ کڻي هلي.
هن چيو ته محمد عامر ۽ عماد وسيم جي واپسي ٿي آهي، گهڻيون شيون تبديل ٿيون آهن ته هاڻي اڳتي وڌڻ گهرجي، منهنجي خواهش آهي ته پاڪستان ٽي 20 ورلڊ ڪپ تائين بهتر ڪمبينيشن بڻائي ميدان ۾ لهي، بابر کي پاڻ پرفارم ڪرڻ سان گڏ رانديگرن کان بهتر پرفارمنس به وٺڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.