بجرنگي ڀائيجان 2 ۽ رائوڊي راٺور2 جون اسڪرپٽس تيار

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي هدايتڪار ڪي ڪي راڌاموهن بالي ووڊ جون ٻه بلاڪ بسٽر فلمون ”بجرنگي ڀائيجان“ ۽ ”رائوڊي راٺور“ جي سيڪوئل جون اسڪرپٽس تيار ڪري ورتيون آهن.

رپورٽس موجب ڪي ڪي راڌا موهن تازو ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ليکڪ وجيندر پرساد ”رائوڊي راٺور 2“ جي اسڪرپٽ تيار ڪري ورتي آهي، هاڻي فلم جي سٺي ڪاسٽ جي ڳولا ۾ آهن. بجرنگي ڀائجان 2 تي به ڪم جاري آهي، ان جو اسڪرپٽ به تيار آهي سلمان کي اسڪرپٽ پيش ڪئي ويندي پوءِ ڏسبو ته ايندڙ وقت ۾ ڇا ٿيندو.

رپورٽس موجب رائوڊي راٺور جي ڪاسٽ ۾ پڪ ناهي ته اڪشي ڪمار ئي مرڪزي ڪردار ادا ڪندو يا ڪو ٻيو اداڪار ايندو جڏهن ته چرچا هلن پيا سڌارٿ ملهوترا ۽ ڪيارا آڏواڻي ڪردار ادا ڪندا، ان ڳالهه جي اڃا تصديق ناهي ٿي. ٻئي پاسي 2021 ۾ سلمان خان بجرنگي ڀائيجان جي سيڪوئل جي تصديق ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.