ڀارت ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو نانگ دريافت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ سائندانن دنيا جي سڀ کان وڏي نانگ جي باقيات دريافت ڪري ورتي آهي.

15 ميٽر يا 50 فوٽ ڊگهي هن نانگ کي ڀارتي رياست گجرات ۾ هڪ کاڻ مان دريافت ڪيو ويو. ماهرن جو چوڻ آهي ته هي نانگ 47 ملين سال اڳ هن خطي ۾ هوندو هو.

اتر کنڊ ۾ قائم انڊين انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاججي جي ماهرن  هن نانگ جي باقيات مان مليل نانگ جي ڪرنگهي جي هڏي ججي 27 جوڙن جي مدد سان نانگ جي ڊيگهه جو اندازو لڳايو آهي.

سائنسدانن جو چوڻ آهي ته نانگ جي ڊيگهه 11 کان 15 ميٽر يا هڪ اسڪول بس جي ڊيگهه جيتري ٿي سگهي ٿي.

سائنسدانن هن نانگ کي هندو ديوتا شيو جي ڪچيءَ ۾ مالا جيان لٽڪيل افسانوي نانگ ڪنگ واسوڪي سان ڀيٽ ڏيندي هن کي واسوڪي انڊيڪس جو نالو ڏنو آهي.

سائنسدانن جو خيال آهي ته قديم زماني ۾ جيئرو رهندڙ هي نانگ آفريقي، يورپي ۽ ڀارت جي ڌٻڻ وارن علائقن جي ويجهو رهندو هو، هن جو وزن هڪ هزار ڪلوگرام تائين هوندو، هن جي ريڙهيون پائڻ جي رفتار گهٽ هوندي جنهن جي ڪري هي ايناڪونڊا جيان اوچتو شڪار تي حملي آور ٿيندو هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.