وزيراعظم جو اسمگلرن جي سهولتڪار آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) افغان ٽرانزٽ ٽريڊ بابت قائم ڪميٽي جي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ذريعي اسمگنگ ڪرڻ وارن ماڻهن جي آفيسر سهولتڪاري ڪري رهيا آهن.
وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اسمگلنگ جي روڪٿام بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ اسمگلنگ، افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي غلط استعمال، منشيات، روز مره جي شين جهڙوڪ کنڊ، ڪڻڪ، ڀاڻ، پيٽروليم شين ۽ غيرقانوني هٿيارن جي حوالي سان تفصيلي آگاهي ڏني وئي.
بريفنگ ۾ چيو ويو ته تمام اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشوري بعد نيشنل اينٽي اسمگنگ اسٽريٽجي آخري مرحلن ۾ آهي، جنهن کي منظوري لاءِ جلد پيش ڪيو ويندو.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 2 ڏينهن اڳ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽمز جي گڏيل ڪارروائي ۾ مستونگ ۾ اسمگلنگ جي گدام تي ڇاپو هنيو ويو هو، جنهن ۾ هٿ ڪيل اسمگلنگ جي سامان جي ماليت اٽڪل 10 ارب رپين کان وڌيڪ آهي.
وزير اعظم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي واکاڻ ڪندي اسمگنگ خلاف ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
اجلاس ۾ افغان ٽرنزٽ ٽريڊ جي حوالي سان اي ڊي خواجا جي سربراهي ۾ قائم ڪميٽي جي رپورٽ به پيش ڪئي وئي.
اسمگلرن ۽ انهن جي سهولتڪار سرڪاري آفيسرن جي فهرست تيار ڪري قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن ۽ صوبن کي ڏني ويندي، وزير اعظم رپورٽ ۾ شامل آفيسرن کي عهدن تان هٽائي ڪارروائي جي هدايت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.