اداڪارا ممتاز ۽ زينت امان جي وچ ۾ جهيڙو: سائرا بانو به ردعمل ڏنو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينير اداڪارا ۽ ليجنڊري هيرو دليپ ڪمار (يوسف خان مرحوم) جي زال سائره بانو زينت امان ۽ ممتاز جي وچ ۾ ٿيندڙ بحث تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.

رپورٽس موجب ڪجهه ڏينهن اڳ زينت امان پنهنجي هڪ انسٽاگرام پوسٽ تي شادي کان اڳ هڪ ٻئي کي سمجهڻ لاءِ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري جي گڏ رهڻ جي حمايت ڪئي آهي. جنهن تي اداڪارا ممتاز پنهنجي انٽرويو ۾ سخت لفظن ۾ تنقيد ڪئي آهي ته هوءَ اها ڳالهه سمجهي سگهي ٿي ته زينت امان سوشل ميڊيا تي اڪائونٽ ٺاهي ورتو آهي ۽ کيس اتي ڏاڍي شهرت ٿي ملي پر کيس ان نئين جوش ۾ هوش نه وڃائڻ گهرجي ۽ ڪابه ڳالهه ڪرڻ کان اڳ محتاط رهن گهرجي.

هن ڳالهه جاري رکندي چيو ته اسان جي اخلاقي قدرن جي خلاف مشورو ڏيڻ تي زينت امان جا سوشل ميڊيا تي فالوورز نه وڌندا ۽ سندس شادي به ته ڏکيائين جو شڪار رهي آهي. ان لاءِ کيس شاديءَ جا مشورا ڏيڻ کان پري رهڻ گهرجي.

تازو سائره بانو هڪ انٽرويو ۾ چيو ته اها گھڻو ڪري خبرون ناهي پڙهندي ان لاءِ کيس ڄاڻ ناهي ته زينت امان ۽ ممتاز ڇا چيو آهي پر هوءَ ڪڏهن به ان ڳالهه جي حمايت نه ڪندي ته ڇوڪرو ۽ ڇوڪري شاديءَ کان اڳ هڪ ٻئي کي سمجهڻ لاءِ گڏ رهن. هن چيو ته هوءَ ڪڏهن به ڪنهن کي اهڙو مشورو نه ڏيندي ڇاڪاڻ ته هن لاءِ اهو قابل قبول ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.