”هن سال اسان به حج معاملن جي نگراني ڪنداسين، دانهن ملي ته توهان جو خير ناهي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارباب محمد طاهر مذهبي معاملن واري وزارت کي حج پانڌيئڙن کي مڪمل سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته هن سال اسان به حج معاملن جي نگراني ڪنداسين.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارباب محمد طاهر حج ۽ عمري جون خدمتون فراهم ڪندڙ نجي ڪمپنين جي حج ڪوٽا بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي ۽ ريمارڪس ڏنا ته هر سال 5-5 ماڻهو سيڪريٽرين ۽ وزيرن طرفان موڪليا ويندا آهن، اسان ايف آءِ اي کان به سمورا تفصيل گهرائينداسين.
هن پڇاڻو ڪيو ته پيرا ميڊڪس اسٽاف ۾ ڪنهن ڪنهن کي موڪليندا آهيو؟ ملڪ جي ڏورانهن علائقن جا ماڻهو حج ۽ عمري تي ويندا آهن، انهن کي آگاهي ڏني وڃي ته ڪا شڪايت هجي ته ڪيئن ۽ ڪنهن سان رابطو ڪن؟ حاجين کي جاري ميسيج ۾ سمورو مڪينزم شامل ڪري کين مڪمل تفصيل ٻڌايو، هتان طبي عملو به ويندو آهي پر اتي ڪير نظر ناهي ايندو.
هاءِ ڪورٽ مذهبي معاملن واري وزارت کي حج تي ويندڙ پانڌيئڙن کي مڪمل سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته هن سال اسان به حج معاملن جي نگراني ڪنداسين.
عدالت حاجين جي ڄاڻ لاءِ الرٽ ميسيجز ذريعي مڪمل گائيڊ لائن فراهم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون، جسٽس ارباب طاهر ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ڪنهن ٽيڪسي بابت به شڪايت ڪئي ته توهان جو خير ناهي، جيڪڏهن هڪ به شڪايت آئي ته انهن جا لائسنس رد ڪنداسين.
عدالت چيو ته اسان سمورا ڪيس پينڊنگ ۾ رکي رهيا آهيون، آگسٽ جي پهرئين هفتي ۾ ٻيهر ٻڌڻي ٿيندي، هن سال حج ۾ وزارت جي ڪارڪردگي ڏسنداسين پوءِ انهن ڪيسن جو فيصلو ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.