راجڪمار رائو ٽرولنگ کانپوءِ پلاسٽڪ سرجري جي ترديد ڪري ڇڏي

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب راج ڪمار رائو سوشل ميڊيا ٽرولز کانپوءِ پلاسٽڪ سرجري جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب هڪ تقريب ۾ راج ڪمار رائو جي تصوير آئي جنهن تي سوشل ميڊيا تي ٽرولنگ شروع ٿي وئي. واهيپدار پاران دعويءِ ڪئي وئي ته راج ڪمار رائو سٺو نظر اچڻ لاءِ پلاسٽ سرجري ڪرائي آهي جڏهن ته مختلف ميمز پڻ ٺاهيا ويا.

رپورٽ موجب تازو راجڪمار رائو هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هن کان سرجري بابت سوال ڪيو ويو. راجڪمار رائو چيو ته هن ڪابه سرجري ناهي ڪرائي. اها تصوير راجڪمار رائو جي نه هوندو يا پري ٽچ اپ ڪيو ويو هوندو. هن اعتراف ڪيو ته فلرز ضرور استعمال ڪيا پر ڇري هيٺان ناهي آيو. اداڪار جو چوڻ آهي ته اسان اداڪار سٺو نظر اچڻ لاءِ مسلسل دٻاءُ جو شڪار هوندا آهيون پر منهنجي ترجيح هميشا ڪم رهيو آهي.

اداڪار چيو ته 8 يا 9 سال اڳ ڪيريئر جي شروعات ۾ هن فلرز استعمال ڪيا پر ڪڏهن به پلاسٽ سرجري ناهي ڪرائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.