بلاول صدر جي تقرير دوران گوڙ ڪندڙ ميمبرن کي جهنگ جو ڀولو قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صدر آصف علي زرداري جي تقرير دوران گوڙ ڪندڙ اپوزيشن ميمبرن کي جهنگل جو ڀولو قرار ڏئي ڇڏيو.
آصفه ڀٽو زرداري سان گڏ پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو اسان ته آمريتن جا مقابلا ڪيا، انهن کان ڊڄڻ وارا ناهيون.
هن چيو ته اپوزيشن جي ٻن ميمبرن جي معطلي ضروري هئي، هڪ مثال ضرور سيٽ ڪرڻ گهرجي ته پارليامينٽ جي رولز جي دائري ۾ رهي ميمبرن کي ڪم ڪرڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو دائري ۾ رهي ڪم ڪيو ويندو ته اپوزيشن کي ويلڪم ڪنداسين ۽ انهن جي تنقيد جي به آجيان ڪنداسين، اپوزيشن وارا آصفه کان ڊڄن ٿا.
هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومتي قدمن سان ماني سستي ناهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.