واٽس ايپ، فيس بڪ ۽ انسٽاگرام، مسينجر ۾ به اي آءِ چيٽ بوٽس اچي ويا

ميٽا پاڪستان ۽ ڀارت سميت آفريقا جي خطي جي مختلف ملڪن ۾ پنهنجي پليٽ فارمز فيس بوڪ، انسٽاگرام، واٽس ايپ ۽ ميسينجر تي آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) چيٽ بوٽس متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن.

رپورٽس موجب ان کان اڳ رڳو تجربا ڪيا پيا وڃن هاڻي باضابطا واهپيدارن جي استعمال لاءِ اي آءِ متعارف ٿي ويو آهي. مارڪ زڪربرگ تصديق ڪئي ته پاڪستان ۽ ڀارت سميت مختلف ملڪن ۾ اي آءِ چيٽ بوٽس متعارف ڪرايا آهن.

ان فيچر سان واهيپدار چيٽ جي بي ٽي جي بوٽ جيان اي آءِ انباڪس سرچ ۾ جيڪو لفظ لکندو يا ڪو سوال پڇندو ته سسٽم اي آءِ جي مدد سان جواب حاصل ڪندو. مثال جيئن ڪو واهپيدار سرچ ۾ ”عيد“ لکندو ته عيد بابت سموري ڄاڻ حاصل ٿي ويندي. اهڙيءَ ريت جيئن ڪو واهپيدار ڪنهن موضوع بابت پڇندو ته اي آءِ پاران جواب ملندو.

ان فيچر ۾ واهپيدار پنهنجي پسند جي تصوير به حاصل ڪري سگهندا، مثال چنڊ تي ماڻهو هلي رهيو آهي ته اهري تصوير سامهون اچي ويندي. ايترو نه پر جيئن موجوده وقت جي ڄاڻ حاصل ڪرڻي آهي ته واهپيدار اها به حاصل ڪري سگهي ٿو. ان فيچر کي اينڊرائڊ کان سواءِ هاڻي ويب سائيٽ تي به استعمال ڪري سگهجي ٿو. ميٽا جي سمورن پليٽ فارمز تي چيٽ بوٽس چيٽ جي بي ٽي جيان ڪم ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.