ٻارن جي خوراڪ سريليڪ ۽ نيڊو بابت انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا جي سڀ کان وڏي ايشيائي خوراڪ واري ڪمپني نيسلي طرفان غريب ملڪن ۾ موڪليل پراڊڪٽس ۾ هٿرادو کنڊ ۽ ماکي ملائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

ٻارن جي خوراڪ ۾ مٺاڻ جو استعمال ٿولهه ۽ بيمارين کي روڪڻ بابت عالمي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي.

نيسلي ڪمپني طرفان ٻارن جي خوراڪ بابت اهي ڀڃڪڙيون رڳو غريب ملڪن يعنيٰ ايشيائي، آفريقي ۽ لاطيني آمريڪي ملڪن ۾ مليون آهن.

هڪ سوئس جاچ ڪندڙ تنظيم ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا ۾ وڪرل ٿيل نيسلي ڪمپني جي کاڌن وارين شين جا نمونا وٺي جاچ لاءِ بيلجيئم جي ليبارٽري اماڻيا.

هٿرادو پيڪيجنگ جي نتيجن ۽ جاچ مان پتو پيو ته نيڊو کير ۽ سيريليڪ جي نمونن ۾ اسڪروز يا ماکي جي شڪل ۾ کنڊ شامل ڪئي وئي آهي.

نيڊو کير هڪ فارمولا برينڊ آهي ۽ هڪ سال يا ان کان وڌيڪ جي عمر جي ٻارن لاءِ وڪرو ڪيو ويندو آهي جڏهن ته سيريليڪ هڪ سيريل آهي جيڪو 6 مهينن کان 2 سالن تائين جي ٻارن لاءِ تيار ڪيو ويندو آهي.

رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ان جي ابتڙ برطانيا سميت نيسلي جي مرڪزي يورپي منڊين ۾ وڪرو ٿيل ننڍن ٻارن جي فارمولا کير ۾ ڪا کنڊ شامل نه هئي.

يورپي خطي جي عالمي صحت جي اداري جي اصولن ۾ چيو ويو آهي ته ٽن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن لاءِ ڪنهن به کاڌي ۾ ڪنهن به قسم جي مٺاڻ جي اجازت ناهي.

جيتوڻيڪ ٻين خطن لاءِ خاص طور تي ڪي هدايتون ناهن ڏنيون ويون.

محققن جو چوڻ آهي ته يورپي دستاويز دنيا جي ٻين حصن لاءِ هڪ جهڙا آهن.

هوڏانهن ڀارت ۾ موجود ڪمپني نيسلي ڪمپني طرفان چيو آهي ته هنن گذريل 5 سالن ۾ 30 سيڪڙو تائين هٿرادو مٺاڻ گهٽائي آهي ۽ هو عالمي معيارن تي ڪابه سوديبازي نه ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.