ڇڪتاڻ جون خبرون، بابر ۽ شاهين جي وڊيو وائرل

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ برسات سبب بنا نتيجي ختم ٿي وئي پر ميچ ۾ ڪپتان بابر اعظم ۽ فاسٽ بالر شاهين آفريدي جي هڪٻئي سان ڀاڪر پائڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
گذريل رات راولپنڊي ۾ شيڊيول پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ برسات جي ورچڙهي وئي، جتي رڳو ٻن بالن جي راند ممڪن ٿي سگهي.
بابر اعظم ۽ شاهين آفريدي وچ ۾ ڇڪتاڻ جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن پر ميچ شروع ٿيڻ کان ڪجهه منٽ اڳ ٻنهي ڪرڪيٽرن جي هڪٻئي سان ڀاڪر پائڻ واري وڊيو وائرل ٿي.
واضح رهي ته پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ 20 اپريل ( سڀاڻي ) تي پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ئي ڇيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.