يوٽيوب تي به اي آءِ اسسٽنٽ اچي ويو

يوٽيوب تي به آر ٽي فيشل انٽيليجنس (اي آءِ) اسسٽنٽ کي متعارف ڪيو پيو وڃي.

رپورٽس موجب گوگل پاران يوٽيوب جي هن نئين اي آءِ اسسٽنٽ کي واهپيدارن جي ذهنن ۾ وڊيوز بابت سوالن جي جواب لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي. آمريڪا ۾ فلحال يوٽيوب پريميم ۾ اي آءِ اسسٽنٽ موجود آهي. ان اسسٽنٽ سان واهپيدارن کي وڊيوز ڏسندي ريئل ٽائم سوالن جا جواب ملندا.

پرڏيهي رپورٽس موجب جڏهن اي آءِ اسسٽنٽ ايندو ته اينڊرائڊ ڊيوائسز ۾ يوٽيوب ايپ ۾ Ask نالي هڪ نئون بٽن ايندو. ان بٽن تي واهپيدار سوال لکي پڇي سگهن ٿا يا پهريون کان موجود پروموٽس استعمال ڪري وڊيو جو خلاصو يا مواد ڄاڻي سگهن ٿا. ايئن ڪرڻ کانپوءِ اي آءِ ٽيڪنالوجي فوٽيج جو تجزيو ڪري واهپيدار جي سوال موجب ردعمل ظاهر ڪندي جڏهن ته ان دوران وڊيو ڏسڻ جو عمل متاثر نه ٿيندو.

فلحال سمورين وڊيوز لاءِ اي آءِ ڪم نه ڪندو پر گوگل پاران ان کي وسيع ڪيو ويندو. اڃا تائين ڪيل تجربا ڪامياب ثابت ٿيا آهن. پهرين مئي تائين هي فيچر محدود واهپيدارن لاءِ اچي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.