سپريم ڪورٽ جاسوسي جي مبينا جوابدار جي ضمانت جي درخواست خارج ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جاسوسي جي مبينا جوابدار محمد دين جي ضمانت جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.
جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس عائشا ملڪ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ جاسوسي جي مبينا جوابدار محمد دين جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته جوابدار تي اڪائونٽ ۾ ٻاهرئين ملڪ مان رقم آڻڻ جو الزام آهي، درخواستگذار افغانستان جو شهري آهي.
وڪيل ٻڌايو ته درخواستگذار افغانستان جو شهري هجڻ ثابت ناهي ٿيو، جوابدار پاڪستاني آهي، پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ به گڏ لڳايو آهي.
جسٽس عائشا ملڪ چيو ته جوابدار جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيو ويو آهي، ان تي وڪيل چيو ته ڪيس ۾ شامل ٻين ٻن جوابدارن جون ضمانتون ٽرائل ڪورٽ منظور ڪيون آهن.
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته توهان فريش گرائونڊ تي ٽرائل ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪيو.
پوءِ جوابدار عدالتي آبزرويشنز تي درخواست واپس وٺي ڇڏي ۽ عدالت ضمانت جي درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏي.
جوابدار خلاف گذريل سال جاسوسي جي الزام ۾ سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.