فلسطين کي گڏيل قومن جي مڪمل رڪنيت ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي: پاڪستان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان چيو آهي ته گڏيل قومن ۾ فلسطين جي رڪنيت جي ٺهراءَ کي آمريڪا طرفان ويٽرو ڪرڻ تي افسوس آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان سمجهي ٿو فلسطين کي گڏيل قومن جي رڪنيت ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي، 75 سالن کان ظلم سهندڙ فلسطين کي رڪنيت ڏيڻ سان کين حق ڏيڻ جي تصديق ٿيندي ۽ تاريخي انصاف هوندو.
هن چيو ته فلسطيني عوام جو حق آهي ته اهي 4 جون 1967 جي جاگرافيائي حدن موجب خود مختيار ۽ آزاد ملڪ ۾ رهن، جنهن جو تخت گاهه القدس شريف هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.