فيض آباد ڌرڻو:زاهد حامد کان استعيفيٰ آءِ ايس آءِ ۽ فيض حميد ڏياري

اسلام آباد(اعزاز سيد) فيض آباد ڌرڻي دوران قانون جو وزير رهندڙ زاهد حامد ڪميشن کي ٻڌايو ته ڌرڻي دوران احسن اقبال، سعد رفيق،بئريسٽر ظفرالله خان، راڻا ثناءُ الله تي مشتمل ڪميٽي سان گڏ ٽي ايل پي جي وفد سان ڳالهين ۾ شريڪ رهيس،مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو ته انهن منهنجي مذهب ۽ عقيدي کي چئلينج ڪيو، مون سان سوال ڪيو ويو ته آخري نبي صلعم ڇا آخري نبي صلعم آهي؟ مون جواب ڏنو ته بلڪل آخري نبي صلعم آهي،جنهن بعد ٽي ايل پي حيران ٿي ويا ۽ انهن  مون تي لڳايل الزام واپس وٺي ڇڏيا،ٽي ايل پي وفد مطمئن نظر آيو،جنهن بعد اهي قيادت سان ڳالهائڻ ويا،واپسي تي انهن چيو ته ڪارڪن تيستائين مطمئن نه ٿيندا جيستائين توهان(زاهد حامد) استعيفيٰ نٿا ڏيو،زاهد حامد چيو ته منهنجي آءِ ايس آءِ عملدارن سان ٻه ڀيرا ملاقاتون ٿيون، 22 نومبر 2017 تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪاوڙ ۾ هو ته مون کي پنهنجي وزير کان استعيفيٰ ناهي ڏيارڻي، ٻي ملاقات ۾ ڊي جي سي آءِ ايس آءِ جنرل فيض حميد  مون سان ملڻ آيو  ۽ چيو ته توهان استعيفيٰ ڏيو،بعد ۾ مون کي خبر پئي ته معاملا خراب ٿي رهيا آهن، 26 نومبر تي آءِ ايس آءِ جا جونيئر آفيسر مون وٽ آيا ۽ درخواست ڪئي ته توهان استعيفيٰ ڏيو،شهبازشريف سان رابطي ۾ هن چيو ته توهان استعيفيٰ ڏيو،ان وقت وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نه چاهيندي به منهنجي استعيفيٰ منظور ڪئي،ان ڌرڻي دوران آءِ بي جي عملدارن کي ڳالهين دوران نه گهرايو ويو،آءِ بي تڏهن ٽي ايل پي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي تجويز ڏني هئي،

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 19 اپريل 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.