پي ٽي آءِ جو گوڙ:صدر جي خطاب دوران ٽنهي فوجن جا سربراهه شريڪ نه ٿيا

اسلام آباد(اعزاز سيد+فخر دراني)صدر جي خطاب ۾ ٽنهي فوجن جا سربراهه شريڪ نه ٿيا، اهي ڪرسيون خالي رهيون،ڪرسيون خالي رهڻ سان  غلط پيغام ويو،پي ٽي آءِ جي گوڙ سبب اهي شخصيتون خطاب دوران شريڪ نه ٿيون،سفارتي ڪميونٽي ته شريڪ ٿيون،فوجي صدر جنرل مشرف جڏهن پارليامينٽ ۾ خطاب ڪيو هو ته تڏهن به اپوزيشن احتجاج ڪيو هو،85ع ۾ جنرل ضيا صدر مملڪت جي عهدي کي پارليامينٽ جو حصو بڻايو هو ڇو ته کيس پارليامينٽ ۾ خطاب ڪرڻ جو شوق هو ان کانپوءِ صدر جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب جي آئيني روايت قائم ٿي وئي،پي ٽي آءِ ته ايترو سخت احتجاج به نه ڪيو هو ان کان اڳ ن ليگ 2008ع کان 2013 دوران سخت احتجاج ڪري چڪي هئي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 19 اپريل 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.