ڪينجهر ڍنڍ جي سوين ايڪڙ زمين تي والار جاري، سوشل ميڊيا تي باهه ٻريل

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) ٺٽي ضلعي اندر جعلسازي ذريعي سونَ ورني زمينن تي ٿيندڙ والار بند نه ٿي سگھي، چُل سائيٽ ڀرسان تاريخي ماڳ ۽ پاڻي جي اھم ذريعي نوري ڄام تماچي جي رومانوي داستان سان واڳيل  ڪينجھر ڍنڍ جي سوين ايڪڙ زمين تي ھيوي مشينري ذريعي بااثر شخص پاران قبضي جو انڪشاف ٿيو آهي، سوشل ميڊيا تي زمين تي قبضي جي باهھ ٻرڻ بعد ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو نوٽيس ورتو، سندس نوٽيس بعد اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو ۽ مختيارڪار ٺٽو قبضي واري زمين تي پھچي ھلندڙ تعميراتي ڪم بند ڪرائي ڌُرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آھن. روينيو عَملدارن موجب ڄاڻايل قبضي واري زمين تي ھلندڙ تعميراتي ڪم بند ڪرايو ويو آھي ۽ ڌرين کي نوٽيس جاري رڪارڊ سميت گھرائي ورتو آھي. جڏهن ته علائقي واسي به زمين تي پھچي ويا، چئوطرف خوبصورت جبلن ۾ گھيريل سنڌ جي تاريخي ۽ قديمي ڪينجھر ڍنڍ جي زمين ڪوھستان 7/2 ۾ 400 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي غير مقامي مافيا پاران قبضو ڪري اڏاوتون شروع ڪيون ويون آھن. ان سلسلي ۾ مقامي ماڻھن قبضي جي جاءِ تي پھچي سخت احتجاج ڪيو ۽ ضلعي انتظاميا کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو رضوان عالم شيخ ٻڌايو ته نوٽيس جاري ڪرڻ بعد زمين جي دعويدار ڌُر سيف الدين بوھري پنھنجا ڪاغذات پيش ڪيا، جيڪي تصديق لاءِ مختيارڪار اسٽيٽ ۽ مائڪرو لاءِ موڪليا ويندا، جيستائين ڌر پاران پيش ڪاغذن جي تصديق نٿي ٿي سگھي تيستائين زمين بابت ڪجهھ نٿو چئي سگھجي، ڊي سي ٺٽو جي نوٽيس بعد زمين تي ھلندڙ ڪم مڪمل طور تي بند ڪرايو ويو آھي، ھن وقت ڪنھن به قسم جي حرڪت ناھي.

ڪوٽڙي ٽي بي اسپتال جي اڳوڻي ڊاڪٽر زمين وڪرو ڪري ڪراچي جي واپاري کي ڏني آهي: ذريعا

ٺٽو: انتھائي اھم ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته ڪجھ سال اڳ ٽي بي اسپتال ڪوٽڙي جي اڳوڻي ڊاڪٽر شوڪت شيخ تپو جھرڪ ۾ چل سائيٽ لڳ ڪينجھر ڪناري  مقامي ماڻھن کان 45 ايڪڙ زمين خريد ڪئي ھئي جنھن بعد ۾ ھن جعلي ڪاغذ ٺھرائي وڌيڪ زمين تي والار ڪئي ۽ ھڪ مھينو اڳ ڪراچي جي ھڪ بوھري واپاري سان 445 ايڪڙ زمين ڪروڙين رُوپين عيوض وڪرو ڪري ڇڏي آھي، ھن وقت بوھري طرفان ڪم تيزي سان جاري آھي.

ڳرين مشينري ذريعي ڪينجهر ڍنڍ جي چئوطرف خوبصورت جبلن جي ڪٽائي جاري

ٺٽو: ڪينجھر ڍنڍ چئوطرف وڏن خوبصورت جبلن سان سينگاريل آھي پر قبضا مافيا پاران ڳرين مشينري ذريعي خوبصورت جبلن کي ڪٽي ختم ڪيو پيو وڃي. جڏھن ته ڪينجھر ڍنڍ سنڌ ۾ سڀ کان  وڏي نيري پاڻي سان سرچشار ڍنڍ مٺي پاڻي طور ڍنڍ ليکي وڃي ٿي، ڪينجھر ڍنڍ مان ڪراچي سميت ٺٽي ضلعي کي پيئڻ جو پاڻي فراھم ڪيو وڃي ٿو.

ڪوهستان واسين پاران والار کي رد ڪندي ڪارروائي جو مطالبو

ٺٽو: سياسي، سماجي، علمي، ادبي ڌرين ۽ ڪوھستان واسين زمين تي ٿيندڙ والار کي رد ڪندي قبضا مافيا خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو  آھي. ان سلسلي ۾ ايس ٽي پي لاڙ ڊويزن جي اڳواڻ سيد جلال شاھ، ڪوھستان جي سياسي سماجي شخصيت ڊاڪٽر لکمير پالاري، ڪوھستان بچايو ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ محمد بخش بروھي، عوامي تحريڪ جي شاھ محمد چانگ، ايس يو پي جي ضلعي صدر عمران خشڪ، ڪينجھر ڪنزرويشن نيٽ ورڪ جي صدر انيس ھيلايو، انساني حقن جي اڳواڻ ارشاد عمر گندرو، جسم ضلعي صدر امجد شورو، جسقم جي بابو خُشڪ، جست جي راول ڪرناڻي، سينيئر صحافي عبدالحميد پالاري، سماج سڌارڪ ڪمال پالاري ۽ ٻين چيو ته ٺٽي ضلعي اندر خاص طور تي ڪوھستاني ۽ سامونڊي پٽي جي زمينن تي جعلسازي ذريعي قبضا ڪيا پيا وڃن، ھزارين ايڪڙ زمين تي غير قانوني طور تي غير مقامي مافيائن حوالي ڪئي وئي آھي. ھنن چيو ته ڪينجھر ڍنڍ رامسر سائيٽ ۽ سينچري قرار ڏنل آھي پر ڪينجھر ڍنڍ جي چئوطرف کان ھزارين ايڪڙن تي غير قانوني تي قبضا ڪري جھنگلي جيوت سميت قدرتي ماحوليات کي تباھ ڪيو پيو وڃي. ھنن چيو ته ٺٽي ضلعي اندر زمينن تي ٿيندڙ قبضن ۾ روينيو کاتي جا عملدار ملوث آھي، جن جي ملي ڀڳت سان قيمتي زمين ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪئي پئي وڃي، جعلسازي ۾ ملوث سمورن ماڻھن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.