عرب امارتن جي برساتي سسٽم جي بلوچستان ۾ به تباهي، گوادر ٻڏي ويو، 8 فوت

ڪراچي/حيدرآباد/ سکر/ڪوئيٽا( نمائندا+ م ڊ) بلوچستان ۾ طوفاني برساتن تباهي مچائي ڇڏي، کنوڻ ۽ ڇتيون ڪرڻ جي واقعن ۾ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. صوبائي حڪومت جي ترجمان شاهد رند  پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته برسات ۽ ٻوڏ واري صورتحال سبب 132 گهرن کي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊ رستا به متاثر ٿيا آهن.  بلوچستان ۾ تيز برسات سبب گوادر هڪ ڀيرو ٻيهر ٻڏي ويو، سنڌ ۾ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات،  روڊ توڙي رستا پاڻي هيٺ اچي ويا، اولهه جون هوائون بلوچستان ۾ داخل ٿيڻ بعد گوادر سميت مختلف علائقن ۾ تيز برسات پئي. گوادر جا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو. پي ڊي ايم اي جي جاري ڪيل الرٽ موجب بلوچستان ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي. تافتان، نوڪندي ۽ دالبندين سميت پاڪ-ايران ۽ پاڪ-افغان سرحدي علائقن ۾ تيز برسات جو سلسلو جاري رهيو. موسميات کاتي موجب ڪوئيٽا، گوادر، ڪيچ، آواران، چاغي، خاران، پسني، اورماڙا، لسٻيلو، خضدار، قلات، نوشڪي، جھل مگسي، نصيرآباد، سبي، ڪوهلو، ڊيرا بگٽي، لورالائي، هرنائي، زيارت ۽ چمن ۾ وقفي وقفي سان وسڪارو پيو.ٻئي طرف خيبرپختونخواهه جي ضلعي پارا چنار ۾ تيز برساتن سبب مختلف علائقن ۾ گهر ڊهي پٽ ٿي ويا. ڪرم نديءَ ۾ ٻوڏ سبب درياهه جي ڪناري تي موجود زرعي زمينون پاڻي هيٺ اچي ويون.  ڊائريڪٽر پي ڊي ايم اي موجب اڄ کان شروع ٿيل برسات وڌيڪ ٽي ڏينهن جاري رهندي، ٺل، ڳڙهي حسن، باهو کوسو ۽ ميان صاحب ۾ مينهن وسڻ بعد ڪڻڪ جي فصل کي نقصان پهتو. نئون ديرو، شهدادڪوٽ، ميروخان، قمبر ، پکو، نصيرآباد  ۽ گاجي کهاوڙ ۾ وسڪارو، لاڙڪاڻو، ڳيريلو،  باقراڻي، ڏوڪري، موهن جو دڙو ۽  باڊھ، ۾ به برسات، واهي پانڌي سميت ڪاڇي ۾ وقفي وقفي سان وسڪاري سبب موسم خوشگوار ٿي وئي،  هالا، مٽياري، کيبر  ۽ ڀٽ شاهه ۾ به برسات پئي. برساتن سبب ڪڻڪ جي بيٺل فصل، انبن جي باغن ۽ سبزين کي نقصان ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.