کل نائيڪ 2 ٺاهڻ جون تياريون، ” بلو بلرام “ جو ڪردار ڪري ادا ڪندو؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي نامياري هدايتڪار سڀاش گهئي نوي جي ڏهاڪي جي سپر هٽ فلم ” کل نائيڪ جي سيڪوئل جو اسڪرپٽ مڪمل ڪري ورتو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سڀاش گهئي کل نائيڪ ٽو جي مرڪزي ڪردار ” بلو بلرام “ لاءِ ڀارت جي ڪجهه ناميارن ۽ باصلاحيت نوجوان اداڪارن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن.
رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هدايتڪار مٿي ڄاڻايل ڪردار لاءِ چئن اداڪارن جا نالا فهرست شامل ڪيا آهن جن ۾ بالي ووڊ مان رنبير ڪپور ۽ رنوير سنگهه جڏهن ڏکڻ ڀارتي فلم انڊسٽريءَ مان الو ارجن ۽ يش شامل آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، سڀاش گهئي چئني اداڪارن مان ڪنهن هڪ اداڪار کي بلو بلرام جي مک ڪردار لاءِ فائنل ڪندو، جڏهن ته فلم جي سيڪوئل ۾ سنجي دت نظر ايندو يا نه ان بابت اڃا تائين واضح ناهي ڪيو ويو.
ياد رهي ته 1993ع ۾ رليز ٿيندڙ بلاڪ بسٽر فلم کل نائيڪ ۾ مرڪزي ڪردار سنجي دت ادا ڪيو هو، فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ ماڌوري ڊڪشت، جيڪي شيروڪ ۽ انوپم کير شامل هئا.
کل نائيڪ فلم جو گيت ” چولي ڪي پيڇي ڪيا هي“ اڄ تائين موسيقيءَ جي دنيا ۾ سُپر هٽ آهي، اِهو گيت کي ٻيهر تازو رليز ٿيل” ڪريو “ ۾ به شامل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.