سنڌ ڪابينا ۾ واڌ، 8 نون وزيرن حلف کڻي ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪابينا ۾ واڌ ڪري ڇڏي، ڪابينا جي 8 نون صوبائي وزيرن حلف کڻي ورتو.
نئين ڪابينا جي حلف برادري واري تقريب گورنر هائوس ۾ ٿي، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري نون وزيرن کي حلف کڻايو.
حلف کڻندڙن ۾ ڄام اڪرام الله ڌاريجو، محمد علي ملڪاڻي، مخدوم محبوب الزمان، شاهينا شير علي، شاهد ٿهيم، رياض شاهه شيرازي، دوست علي راهمون ۽ طارق ٽالپر شامل آهن.
وزيرن جي حلف برادري واري تقريب ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزيرن سميت مختلف کاتن جي سيڪريٽرين ۽ آئي جي سنڌ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.