گورنر جي تبديلي: صحافي جي سوال تي ٽيسوري ڪهڙو جواب ڏنو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جو گورنر سندس تبديلي جي سوال تي صحافي کي جواب ڏيڻ کان لنوائي ويو.
صحافي ڪامران ٽيسوري کان سوال ڪيو ته توهان جي وڃڻ جون خبرون پيون اچن ان تي ڇا چوندا؟
صحافي جي سوال تي ڪامران ٽيسوري جواب ڏيندي چيو ته مان وزيرن کي حلف کڻائڻ لاءِ وڃان پيو، انڪري ان تي في الحال ڪو سوال نٿو وٺي سگهان.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن کان سنڌ جي گورنر جي تبديلي جون خبرون پڻ هلندڙ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.