وفاقي گهرو وزير سوشل ميڊيا بابت سخت قانونن جي حمايت ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سوشل ميڊيا جي استعمال بابت سخت قانون ٺاهڻ جي حمايت ڪري ڇڏي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محسن نقوي جو چوڻ هو ته ٻين ملڪن ۾ ڪوڙي ويڊيو ۽ خبر شيئر ڪرڻ وارن سان جيڪو ٿيندو آهي اهو سڀني کي خبر آهي.
هن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ اظهار جي آزادي هجڻ گهرجي پر اهڙو قانون به هجڻ گهرجي، جيڪو ڪوڙو الزام لڳائي ان کي پڪڙيو وڃي.
ڪراچي ۾ بدامني تي ڳالهائيندي گهرو وزير جو چوڻ هو ته مڃيون ٿا ڪراچي ۾ ڏوهه ٿين ٿا پر اهو به ڏسو ته اتي پوليس روزانو جي بنياد تي مقابلا ڪري پئي.
بهاولنگر واقعي جي سوال تي هن چيو ته ويڙهه گهر ۾ ڀائرن جي به ٿيندي آهي، هڪ واقعي کي جواز بڻائي اهو نٿو چئي سگهجي ته سڄي فورس ئي خراب آهي، ڀارت ۾ به اهڙو واقعو ٿيو هيو پر اتان جو رويو ڏسي اسان کي سبق وٺڻ گهرجي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.