دبئي ۾ طوفاني برسات، ڏينهن جو اونداهي ڇانئجي وئي

دبئي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي شهر دبئي ۾ طوفاني برساتن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جي صورتحال آهي، جڏهن ته ڏينهن جو به اونداهي ٿي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب تيز برساتن سبب دبئي جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جي صورتحال آهي، روڊ تلائن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن.
اختيارين عوام کي گهرن ۾ رهڻ جي اپيل ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته اهو رڳو انتهائي ضروري ڪم جي صورت ۾ گهرن مان نڪرن.
رپورٽن موجب اسڪولن کي فوري طور آن لائن ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سرڪاري ملازمن کي ايندڙ ٻه ڏينهن گهران ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
برسات سبب ڪيتريون ئي گاڏيون پاڻي ۾ وهي ويون، جڏهن ته ڳڙي سبب ڪيترين ئي گاڏين جا شيشا به ٽٽي پيا، گڏوگڏ ڪجهه علائقن ۾ بجلي جي بندش جون شڪايتون به سامهون آيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.