آءِ ايم ايف پاڪستانين کي وڏي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري گهٽجڻ جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.
آءِ ايم ايف ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لڪ رپورٽ 2024 جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح بهتر ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هن سال معاشي اوسر جي شرح 2 سيڪڙو، ايندڙ سال 3.5 سيڪڙو تائين وڃڻ جو امڪان آهي.
آءِ ايم ايف چيو آهي ته هلندڙ سال مهانگائي 21 سيڪڙو هدف جي ڀيٽ ۾ 24.8 سيڪڙو رهندي، جڏهن ته ايندڙ مالي سال مهانگائي ۾ 12.1 سيڪڙو گهٽتائي جو امڪان آهي.
رپورٽ موجب هلندڙ سال بي روزگاري 8 سيڪڙو، ايندڙ سال 7.5 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.