مهانگائي سٽيل عوام لاءِ هڪ ٻي بري خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مهانگائي سٽيل عوام لاءِ هڪ ٻي خراب خبر اها آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ بجلي به مهانگي ڪرڻ جي تياري شروع ڪئي وئي آهي.
سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي ( سي پي پي اي ) بجلي 2 رپيا 94 پيسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست نيپرا ۾ داخل ڪري ڇڏي آهي، درخواست فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ جمع ڪرائي وئي.
درخواست تي ٻڌڻي جي تاريخ مقرر ڪئي ويندي، بعد ۾ نيپرا فيول ايڊجسٽمينٽ جو فيصلو ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.