ملڪ ۾ ڀارت کان سالياني بنياد تي درآمدن ۾ وڏي واڌ رڪارڊ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ نئين حڪومت جي پهرئين ئي مهيني ۾ ڀارت کان سالياني بنياد تي درآمدن ۾ وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
واپار واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته مارچ 2024ع ۾ ڀارت کان سالياني بنياد تي درآمدن ۾ 48 سيڪڙو تائين اضافو ٿيو آهي، گذريل مهيني ۾ درآمد 2 ڪروڙ 73 لک ڊالر رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا مارچ 2023ع ۾ هڪ ڪروڙ 85 لک ڊالر هئي.
ذريعن ٻڌايو آهي ته هن سال جي جنوري ۽ گذريل سال جي فيبروري، مئي ۾ به ڀارت کان درآمد وڌي هئي پر بعد ۾ نگران حڪومت ڀارت ۾ ٽريڊ آفيسر جي مقرري جو عمل به روڪي ڇڏيو هو.
اختيارين موجب پاڪستان آگسٽ 2019 ۾ ڀارت سان واپار معطل ڪري ڇڏيو هو پر ذريعن جو چوڻ آهي ته پوءِ پاڪستان ڀارت سان واپار ۾ نرمي ڪري ڇڏي هئي، وري بعد ۾ ڀارت سان زندگي بچائڻ وارين دوائن تي ڪاروبار جي اجازت ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.