يوٽيوب اشتهار روڪيندڙ ٿرڊ پارٽي خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو

يوٽيوب جون 2023 ۾ يوٽيوب پاران عالمي سطح تي ايڊ بلاڪرز کي ڊس ايبل ڪرڻ جو ننڍو تجربو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

رپورٽس موجب 2023 جي آخري ٽن مهينن ۾ عالمي سطح تي ايڊ بلاڪرز جي استعمال ڪرڻ جي خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي گوگل جي وڊيو شيئرنگ سروس يوٽيوب پاران ٿرڊ پارٽي ايپس جي خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب يوٽيوب چيو آهي ته جيڪي واهپيدار اشتهارن کي بلاڪ ڪرڻ لاءِ ڪنهن ٿرڊ پارٽي ايپ جو استعمال ڪندا انهن لاءِ ايپ ۾ وڊيوز ڏسڻ ممڪن نه ٿيندو ۽ هڪ ايرر مسيج ايندو. هنن اهو واضح ڪيو ته يوٽيوب جي اصولن موجب اشتهارن کي روڪڻ لاءِ ٿرڊ پارٽي ايپس جي استعمال جي اجازت ناهي.

ڪمپني موجب اشتهار بلاڪ ڪندڙ ايپس کي بلاڪ لسٽ ڪيو ويندو. ڪمپني موجب اشهارن کان بغير وڊيوز ڏسڻ لاءِ واهپيدار پريميم سروس کي استعمال ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.