نوَ مئي سانحو: فواد چوڌريءَ جي 4 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ فواد چوڌري جي 9 مئي جي 4 ڪيسن ۾ 20 اپريل تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.
فواد چوڌري پنهنجي گهرواري حبا سميت عدالت ۾ پيش ٿيو، جتي جج ارشد جاويد سندن درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
اڳوڻي سڌ سماءَ واري وزير ماڊل ٽائون جي گلبرگ ۽ نصيرآباد ٿاڻن ۾ داخل هڪ هڪ ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي هئي.
عدالت پوليس کي فواد چوڌري جي گرفتاري کان روڪيندي ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو.
عدالت ٻاهران صحافين جي پڇيل سوال جي جواب ۾ فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ هر وقت گرفتاري جو خطرو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هو چار ڀيرا جيل مان آزاد ٿي چڪو آهي، وڌيڪ الله رحم ڪندو.
ياد رهي ته تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ کي 5 اپريل تي جهلم پنڊ دادن خان منصوبي ۾ ڦر جي ڪيس ۾ اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو هو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهرين اپريل تي ڪيس ۾ کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو.
فواد چوڌري نيب ڪيس ۾ جوڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل ۾ آهي ۽ گرفتاري بعد ضمانت جي درخواست داخل ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.