”جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ جا ذميوار صحافي آهن“

سکر ( ويب ڊيسڪ ) پيپلزپارٽي اڳواڻ خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته نگران حڪومت دوران امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي جنهن کي بهتر ڪرڻ ۾ ٽن کان چار مهينا لڳي سگهن ٿا، شهيد جان محمد مهر جي قاتلن بابت ڄاڻ آهي پر ڏوهارين وٽ جديد هٿيار آهن جيڪي پوليس وٽ نه آهن، صحافين جي دٻاءَ تي قاتلن جي ويجهو پهتل ايس ايس پي عرفان سمي کي هٽايو ويو هو.
سکر ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ خورشيد احمد شاهه جو چوڻ هو ته اسرائيل وڌيڪ طاقتور ناهي پر ان جا حامي طاقتور آهن، اسرائيل ڏاڍ ڪري بيگناهه فلسطينين جو قتل عام ڪري رهيو آهي، غزا ۾ اسپتالن کي به نشانو بڻايو ويو، ان صورتحال ۾ پاڪستان جو ڪردار اهم هوندو.
سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بابت سندس چوڻ هو ته اها ذميواري اسان جي آهي پر نگران حڪومت 6 مهينا هئي، جنهن دوران بدامني وڌي وئي، امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ ۾ ٽي کان چار مهينا لڳي ويندا.
هن چيو ته شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري نه ٿيڻ جا ذميوار صحافي آهن ڇو ته صحافين جي دٻاءُ تي قاتلن جي ويجهو پهتل ايس ايس پي عرفان سمي کي نگران حڪومت دوران هٽايو ويو هو.
خورشيد شاهه چيو ته کيس ڄاڻ آهي ته ڪيس ۾ نامزد جوابدار ڪٿي ويٺا آهن پر ڏوهارين وٽ جديد هٿيار آهن جيڪي پوليس وٽ نه آهن، مون ڪوشش ڪئي هئي ته قاتل گرفتار ٿين، هاڻي به اها ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.