هڪ کان پندرهين گريڊ جي نوڪرين تان پابندي ختم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ هڪ کان 15 هين گريڊ جي نوڪرين تي پابندي ختم ڪري ڇڏي، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن توهان پنهنجو ملڪ ڇڏڻ نٿا چاهيو ته پوءِ ميرٽ اختيار ڪريو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي درخواست تي هڪ کان 15 هين گريڊ جي سرڪاري نوڪرين تي اسٽي آرڊر ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
عدالت سنڌ سرڪار کي ڀرتين جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
عدالت چيو آهي ته سنڌ حڪومت اشتهار ڏئي ڀرتيون ڪري سگهي ٿي .
سنڌ حڪومت کي مختلف کاتن ۾ گريڊ 1 کان 15 تائين سرڪاري نوڪريون ڏيڻ لاءِ قانوني طريقو اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
جسٽس ظفر احمد راجپوت چيو ته جيڪڏهن حڪومت کي انهن پوسٽن جي ضرورت آهي ته اها ٻيهر اشتهار ڏئي ۽ قانون موجب ڀرتيون ڪري.
عدالت چيو ته جيڪڏهن چونڊن کان اڳ ڀرتيون قانوني هيون ته پوءِ ڪيترن ئي ڊپٽي ڪمشنرن اهو ڪم ڪرڻ کان انڪار ڇو ڪيو؟
جسٽس ظفر راجپوت چيو ته حڪومت نوڪريون ورهائڻ جو ڪهڙو طريقو آهي؟ جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر آفيس وڃي خالي اپائنٽمينٽ ليٽر ملي ٿو.
جسٽس ظفر راجپوت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا هاڻي سياسي ورڪر جو ڪم نوڪريون وڪرو ڪرڻ رهجي ويون آهن؟
عدالت ريمارڪس ڏيندي وڌيڪ چيو ته ماڻهو چوندا آهن ته مان فلاڻي تعلقي جو سيڪريٽري آهيان، مون کي 10 نوڪريون ڏيو، مان صدر آهيان، مون کي 15 نوڪريون ڏيو.
عدالت وڌيڪ ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن سماج کي سڌارڻو آهي ته پوءِ هر ڪنهن کي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو،جيڪڏهن اهو سوچيو وڃي ته اسان جا ٻار پرڏيهه ۾ پڙهندا ۽ اتي ئي رهندا ته پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي، جيڪڏهن توهان پنهنجو ملڪ ڇڏڻ نٿا چاهيو ته پوءِ ميرٽ اختيار ڪريو، سماجي انصاف جو بنياد آهي.
جسٽس ظفر راجپوت ريمارڪس ڏيندي چيو ته توهان سوچيو ته اسان ڪمرن ۾ ويٺا آهيون ۽ اسان کي ڪا به خبر ناهي،اسان کي خط ملن ٿا، جن ۾ نالا، پوسٽن جا تفصيل شامل آهن، جڏهن ته تعليم کاتي ۾ اين ٽي ايس پاس ڪندڙن کي ڏهن سالن کان نوڪريون نه مليون آهن.
سرڪاري وڪيل جو چوڻ آهي ته عدالت پاران سرڪاري نوڪريون ڏيڻ لاءِ جيڪي ايس او پيز مقرر ڪيون آهن، ان موجب اجازت ڏني وڃي.
عدالت چيو ته جيڪڏهن نئين حڪومت ٺهي چڪي آهي ۽ شفاف طريقي سان نوڪريون ڏنيون وڃن ته ڪو به اعتراض ناهي.
عدالت ايم ڪيو ايم جي درخواست تي آگسٽ 2023 ۾ سنڌ ۾ سرڪاري نوڪرين تي پابندي جو حڪم جاري ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.