ڌاڙيلن هٿيار ڦٽا نه ڪيا آپريشن ڪري سندن خاتمو ڪيو ويندو، سنڌ حڪومت جي وارننگ

ڪنڌڪوٽ ( ويب ڊيسڪ ) گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار ڌاڙيلن کي وارننگ ڏني آهي ته هو هٿيار ڦٽا ڪن کين عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، ٻي صورت ۾ آپريشن ڪري ڌاڙيلن جو.
گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار ڪنڌڪوٽ ۾ ايس ايس پي آفيس پهتو، جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڌاڙيلن کي چئون ٿا ته اهي هٿيار ڦٽا ڪن، کين عدالت ۾ پيش ڪنداسين، ٻي صورت ۾ ڌاڙيلن جو خاتمو آڻينداسين.
هن چيو ته ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۽ گهوٽڪي ضلعي ۾ پنجاب ۽ بلوچستان جي بارڊر وارا علائقا لڳل ٿا، انهن سان به ڳالهائينداسين، شڪارپور، گهوٽڪي ۽ ڪشمور جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ٿيندو، اسان ڪجهه شيون فائنل ڪري ورتيون آهن.
سندس چوڻ هو ته ڌاڙيلن وٽ جيڪي هٿيار آهن اهي پوليس وٽ نه آهن، اسان هٿيارن بابت وفاقي حڪومت کان اجازت گهري آهي.
سندس چوڻ هو ته نگران حڪومت جي وقت ۾ ماحول خراب ٿيو آهي، جهيڙن جي خاتمي لاءِ قبيلن جي سردارن سان گڏجاڻي ڪئي آهي، ڪراچي ۾ ٻيهر گڏجاڻي ڪنداسين ۽ جهيڙن جو خاتمو آڻينداسين.
ضياءُالحسن لنجار جو وڌيڪ چوڻ هو ته سبزوئي گينگ خلاف آپريشن جاري آهي، پوليس پڪٽ قائم ڪئي وئي آهي، ٻين ضلعن کان نفري موڪلي وئي آهي، آر آر ايف ۽ سي ٽي ڊي جا هڪ هزار جوان موڪليا ويا آهن.
پريا ڪماري جي بازيابي بابت سندس چوڻ هو ته جي آءِ ٽي ٺاهي وئي آهي، سکر وڃي هو ملاقاتون ڪندو جڏهن ته شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري جي حوالي سان به جلد نتيجا ايندا.
هوڏانهن گهرو وزير واپاري برادري ۽ سول سوسائٽي سان به ملاقات ڪئي.
واپاري برادري امن امان جي اپائن تي ايس ايس پي ڪشمور جي واکاڻ ڪئي ۽ سهڪار ڪرڻ جو اظهار ڪيو.
ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته ڀنگ لاءِ اغوا ۽ هرکجي اغوا جي خاتمي لاءِ ڪم جاري آهي.
آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته ڪجهه جاين تي پوليس ڌاڙيلن خلاف اپاءَ وٺي رهي آهي، امن امان جي صورتحال تي ضابطي لاءِ پوليس موجود آهي، سنڌ حڪومت پوليس کي مڪمل سهڪار فراهم ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.