صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 18 اپريل تي طلب ڪري ورتو آهي.
ٻنهي ايوانن جو گڏيل اجلاس خميس ڏينهن شام جو چار وڳي طلب ڪيو ويو آهي، اجلاس کي صدر آصف علي زرداري خطاب ڪندو.
صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 54 ون ۽ 56 ٿري تحت ڏني.
واضح رهي ته ان کان اڳ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 16 اپريل تي طلب ڪيو ويو هو، هاڻي 16 اپريل تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جو نوٽيفڪيشن رد ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.