هلندڙ سال 22 ڪروڙ ٽن پلاسٽڪ ڪچري جي پيداوار جو امڪان

لوزان(ويب ڊيسڪ) هڪ رپورٽ موجب هشيار ڪيو ويو آهي ته هلندڙ سال 22 ڪروڙ ٽن پلاسٽڪ ڪچري جي پيداوار ٿيندي. اهو انگ 20 هزار ايفل ٽاور جيترو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب هڪ رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2024 ۾ عالمي سطح تي وڏو پلاسٽڪ ڪچرو ٿيندو. رپورٽ موجب ٽيون حصو پلاسٽڪ استعمال ٿيڻ کانپوءِ بدانتظامي سبب آلودگي جو ڪارڻ بڻبي. ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته 6 ڪروڙ 95 لک ٽن پلاسٽڪ آخرڪار سڄي زمين کي آلوده ڪندي.

ان ڪچري ۾ پلاسٽڪ پيڪجنگ، ٽيڪسٽائل ۾ استعمال ٿيندڙ پلاسٽڪ ۽ گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ پلاسٽڪ شامل آهن.

ماهرن خبردار ڪيو آهي ته هن مهيني تائين دنيا جي اٽڪل 50 سيڪڙو آبادي اهڙن علائقن ۾ رهي ٿي جتي پلاسٽڪ ڪچري جي پيداوار روڪٿام واري مرحلي مان نڪري چڪي آهي. هنن اڳڪٿي ڪئي آهي ته اها شرح 66 سيڪڙو ٿي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.