ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀٽ شاهه ۾ نوجوان ناري پنهنجي پيءُ تي الزام هنيو آهي ته هن ساڻس ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي، اهڙيون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل نظر اچن ٿيون.
مڇر ڪالوني جي رهواسڻ عارفا جي دانهن کانپوءِ سندس پيءُ خميسو ڀٽي پنجابي کي گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪو هن وقت لاڪ اپ ۾ آهي ۽ پوليس ناري ۽ سندس پيءُ جو ميڊيڪل ڪرائڻ لاءِ کين رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو.
عارفا ۽ شبانا ڀٽي ٿاڻي پهتون جنهن بعد شبانا جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
فريادڻ جو چوڻ آهي ته کيس پاڙيوارن بچايو آهي، سندس پيءُ کي سزا ڏني وڃي.
پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
وڊيوز سوشل ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي پر اهو به خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته الزام هڻندڙ ناري ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي، سندس وڊيو بيان مان چڪون ڪڍي اهڙي خدشي جو اظهار ڪيو پيو وڃي ۽ سوشل ميڊيا واهپيدارن جو چوڻ آهي ته ضرور اها وڊيو هٿ سان رڪارڊ ڪرائي وئي آهي ۽ اهڙي واقعي جي جاچ ٿيڻ گهرجي.