آئرلينڊ، اسپين ۽ ناروي طرفان جلد فلسطين کي تسليم ڪرڻ جو اشارو

ڊبلن (ويب ڊيسڪ) آئرلينڊ، ناروي ۽ اسپين طرفان جلد فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جا امڪان آهن.
آئرلينڊ ۽ ناروي جي اڳواڻن فلسطين جي حامي اسپينش وزيراعظم پيڊرو سانچيز سان ملاقات ڪئي، جنهن بعد انهن اهڙو اشارو ڏنو.
آئرلينڊ جي وزيراعظم سائمن هيرس ڊبلن ۾ پيڊرو سانچيز سان ملاقات ڪندي چيو ته جلد ئي فلسطين کي تسليم ڪرڻ چاهيون ٿا پر اهو ڪم اسپين ۽ ٻين يورپي ملڪن سان گڏجي ڪرڻو پوندو.
ان کان اڳ اسپين جي وزيراعظم ناروي جي گادي واري هنڌ اوسلو پهچي ناروي جي وزيراعظم جوناس گهراسٽور سان ملاقات ڪئي.
جنهن بعد ناروي جي وزيراعظم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو ملڪ به هم خيال ملڪن سان گڏجي فلسطين جي رياست کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.