”پشين جلسي مان ثابت ٿيو ته مخالف ڌر جي تحريڪ شروع ٿيندي ئي ناڪام ٿي وئي“

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته پشين جلسي مان ثابت ٿيو آهي ته مخالف ڌر جي تحريڪ شروع ٿيندي ئي ناڪام ٿي وئي آهي.
هڪ بيان ۾ طلال چوڌري جو چوڻ هو ته مخالف اتحادي جماعتن جو ناڪام جلسو ڪرسي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش آهي، مخالف ڌر کي عوام جو ڪو فڪر ناهي.
ليگي اڳواڻ چيو ته ڇا پشين جلسي ۾ نوشڪي واقعي جي ڪنهن مذمت ڪئي؟ يا ڪنهن اڳواڻ جلسي ۾ فلسطين تي ڳالهايو؟ يا وري ڪنهن به بجلي جي لوڊشيڊنگ، مهانگائي يا عوام تي ڳالهه ڪئي.
هن چيو ته اهو سڀ ڪرسي جو چڪر آهي، اهي ماڻهو جلسن سان عوام کي بي وقوف بڻائي رهيا آهن، پي ٽي آئي جي دور جي سزا عوام اڄ تائين ڀوڳي پيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.