لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب پوليس جي ڪرپٽ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي اسپيشل ڪورٽ مارشل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي صدارت هيٺ مري ۾ خصوصي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبي جي امن امان جي صورتحال تي تفصيلي جائزو ورتو ويو.
آئي جي پنجاب اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني، اجلاس ۾ مريم اورنگزيب، سمورن کاتن جا چيف سيڪريٽري، اي آئي جي، ڪمشنر ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ پوليس جي ڪرپٽ آفيسرن ۽ اهلڪارن جي نشاندهي لاءِ اسپيشل آڊٽ سسٽم لاڳو ڪرڻ ۽ جوابدارن جي پٺ ڀرائي ڪندڙ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي اسپيشل ڪورٽ مارشل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
مريم نواز پنجاب ۾ ناجائز هٿيارن جي ڪلچر جي خاتمي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته جوابدارن جي سزا يقيني بڻائي وڃي ته جيئن ڏوهن ۾ گهٽتائي ٿي سگهي.
You might also like