ڊونلنڊ ٽرمپ عالمي جنگ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو، بائيڊن تي تنقيد

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته صدر جو بائيڊن کي خبر ناهي ته هو ڇا پيو ڪري، جيڪو ڪجهه ٿئي پيو اهو اسان کي عالمي جنگ طرف وٺي ويندو.
ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ عالمي جنگ بابت خدشا ظاهر ڪندي چيو ته روس ۽ يوڪرين جي جنگ ٽئين عالمي جنگ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي، جيڪو ڪجهه اسرائيل ۽ ايران ۾ ٿئي پيو اهو به عالمي جنگ طرف وٺي وڃي سگهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته روس ۽ يوڪرين جي جنگ پهريان به نه ٿيڻ گهرجي ها، جيڪڏهن مان صدر هجان ها ته ڪڏهن به روس ۽ يوڪرين جي جنگ نه ٿئي ها.
هن جو بائيڊن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اسان وٽ هڪ صدر آهي، جيڪو ٻه جملا گڏ نه چئي سگهندو آهي، جيڪو اسٽيج جي ڏاڪڻ ناهي ڳولي سگهندو، ان کي ڪهڙي خبر ته هو ڇا پيو ڪري، اسان هڪ عالمي جنگ ۾ ختم ٿي سگهون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.