”پئسو ۽ شهرت سڀ ڪجهه ناهي، اولاد جي پيدائش ماءُ کي صبر سيکاريندي آهي“

ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا چيو آهي ته پئسو ۽ شهرت سڀ ڪجهه ناهي هوندو، زندگي ۾ ضروري اهو آهي ته بري وقت ۾ توهان سان گڏ ڪير بيٺو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي ثانيا مرزا چيو ته مشهور شخصيتن جي ڀرپاسي اهڙا ڪيترائي ماڻهو هوندا آهن، جيڪي کين سٺيون سٺيون ڳالهيون ٻڌائيندا آهن پر اهو به ضروري آهي ته توهان جي ڀرپاسي اهڙا ماڻهو به هجن، جيڪي توهان کي سچ ٻڌائين.
هن چيو ته حقيقت کان پري نه رهڻ گهرجي، توهان کي خبر هجڻ گهرجي ته توهان لاءِ ڪهڙي شئي ۽ ڪير اهميت رکي ٿو ۽ توهان پاڻ ڪنهن لاءِ اهميت رکو ٿا.
سندس چوڻ هو ته مان راند مان سکيو آهي ته سٺا ۽ خراب ڏينهن سدائين ناهن رهندا، گذريل 10 سالن ۾ پٽ مون کي صبر سان رهڻ سيکاريو آهي، اولاد جي پيدائش ماءُ کي صبر سيکاريندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.