شريا گهوشل هڪ گاني جا ڪيترا پيسا وٺندي آهي؟

ممبئي(ويب ڊيسڪ) شريا گهوشل جو شمار ڀارت جي وڏن گلوڪارن ۾ ٿيندو آهي، سندس سريلو آواز ڪمال موسيقي جي برابر سمجهيو ويندو آهي، گلوڪارا گذريل ڏينهن (12 اپريل) تي پنهنجي 40هين سالگرا ملهائي.

ميڊيا رپورٽس موجب بالي ووڊ جي وڏين اداڪارائن کي پنهنجو آواز ڏيندڙ شريا گهوشل هڪ گاني جا 25 لک رپيا وٺندي آهي ۽ سندس مجموئي اثاثو 180 کان 185 ڪروڙ آهي.

شريا گهوشل مختلف ٻولين هندي، بنگالي، ڀوجپوري، اردو، ڪناڊا، ملايالم، مراٺي، پنجابي، تامل ۽ تيلگو سان گڏ ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾ پنهنجي آواز جو جادو وکيريوآهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.